چيلسو/ چيلسي

چيلسو/ چيلسي (ٻولي): هن ٻوليءَ کي چلس ۽ گلاس به سڏيو وڃي ٿو. هيءَ هندو يورپي، هند-ايراني ۽ هند-آريائي ٻولين جي خاندان مان آهي. هن ٻوليءَ جا ڳالهائيندڙ خاص طور پاڪستان ۾ ڪشمير واري علائقي ۾ ڪولي چراس ۽ جهل ڪوٽ سميت سنڌو درياهه جي اُڀرندي ڪناري تي آباد آهن. هيءَ ٻولي هيٺين ٻولين سان ملندڙ جلندڙ آهي: (1) گورو ٻوليءَ سان 65% کان 68%، (2) سـنـڌو ڪـوهستـانـي 70%، (3) بـتـيـري 54%، (4) شنا 48% کان 36% تائين، (5) تور والي 26%، (6) ڪالامي ٻولي سان 25%. چيلسو ٻولي سنڌُو ڪوهستان، جلاس سميت سنڌو درياهه جي ڏکڻ واري حصي ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. ان سميت درايل وادي، ترانگير وادي ۽ سازين ۾ پڻ رائج آهي ۽ اتان جا مقامي ماڻهو به هيءَ ٻولي ڳالهائين ٿا. هيءَ ٻولي پالوس ۽ ڪولي وارن علائقن ۾ ثانوي ٻولي طور رائج آهي ۽ واديءَ روشن ۾ به ڳالهائي وڃي ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو